امام علي فقير

امام علي فقير: ڪافيءَ جو مشهور شاعر فقير امام علي ولد عبدالغفور، مشهور شاعر رمضان واڍي جو پوٽو هو. هو 1904ع ۾ ڳوٺ جاڙا، تعلقي هالا ۾ ڄائو هو. سندس تربيت رمضان فقير ڪئي. مال چاريندو هو. قرآن شريف ۽ ڪي درجا سنڌي پڙهيو. جوانيءَ ۾ محمد فقير کٽياڻ جو نالو ٻڌي هالا ۾ آيو، جو محمد فقير کٽياڻ اتي گهڻو رهندو هو. محمد فقير جو طالب ٿي اتي رهي پيو ۽ 35 سال سندس حاضريءَ ۾ رهيو. سندس حڪم ۽ هدايت سان شعر چيائين. سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ هڪ سئو کن ڪلام چيائين. ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڌار پرين ڪيئن سمجهان،جو جيءُ جسي منجهه جگري،
نام نگهبان هڪڙو، ٻيا وهم ويا ڪل وسري،
صورت مورت ساڳي، سيني سمايل سهڻي،
ذات صفت ۾ ظاهر، نازل ٿيو نج نسري،
آهي اهوجو آهي، ڌاران ان ٻيو ڇاهي،
ونحن ويڙهي آيو، عشق عجائب اسري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو